برسات اخبار

برسات (اخبار): ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ هڪ روزاني اخبار، جيڪا اڳوڻو سينيٽر ۽ اديب يوسف شاهين ڪڍندو هو. هيءَ اخبار ستر جي ڏهاڪي کان پندرهن وار اخبار جي صورت ۾ جھازي سائيز ۾ نڪرندي هئي، جيڪا 1993 کان باقاعدي روزانو شايع ٿيڻ لڳي. اخبار شروعاتي چار سال تمام زور شور سان نڪتي، جنھن ۾ ان وقت جا اهم ترين ڪالم نگار ۽ دانشور لکندا هئا. اخبار ۾ شيخ اياز ۽ بدر ابڙي به ايڊيٽر طور ڪجهه وقت ڪم ڪيو. انور پيرزادو ۽ نصير اعجاز به اخبار جا اهم ڪارڪن هئا. شيخ اياز، قمر شھباز، آغا سليم، غلام نبي مغل، عبدالواحد آريسر ۽ ناز سھتو هن اخبار جا مستقل ڪالم نويس هئا. هِن ئي اخبار ۾ انور پيرزادي جو ڪالم ’متان وساريو‘ ۽ بدر ابڙي جو ڪالم ’وتايو فقير سوچي ٿو‘ دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو